21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |نوابشاهه: پلانٽ فار پاڪستان جي حوالي سان ٻيلي کاتي پاران وڻ پوکڻ جي مهم شروع

Nawabshahنوابشاهه ۾ وزير اعظم جي  پروگرام پلانٽ فار پاڪستان جي حوالي سان ٻيلي کاتي پاران وڻ پوکڻ جي مهم شروع ڪئي وئي آهي.

شهيد بينظير آباد ڊويزن طرفان اڍائي هزار نم، عملداس، سنبل جا ٻوٽا پوکيا ويا آهن جڏهن تھ ٻوٽا قائد عوام يونيورسٽي آف انيجنئرنگ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شاگردن، شاگردياڻين استادن ۽ ٻيلي کاتي جي آفيسرن طرفان لڳايا ويا.

ان موقعي تي  ڪنزر ويٽر گل حسن دائود پوٽي ، اسامه انور، ڊي ايف او سوشل فاريسٽ گل جوڻيجي ۽ ٻين چيو ته اڄ  هنن  اڍائي هزار ٻوٽا پوکيا آهن ۽ نومبر تائين ضلعي اندر 45 هزار ٻوٽا بنا معاوضي  ڏنا ويندا.

هنن چيو تھ  وزير اعظم جي  پنج سالا پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ 10 عرب ٻوٽا پوکيا ويندا ۽ سنڌ جي سڀني ڊويزنن اندر ٻيلي کاتي طرفان سنڌ کي سرسبز بڻايو ويندو.

سندن چوڻ هو تھ ڌرتي سر سبز هوندي ته ملڪ خوشحال هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے