17 ہفتہ , نومبر 2018

وڻ نه پوکياسين ته پاڪستان رڻ پٽ بڻجي ويندو: وزيراعظم

Prime Minister Pokhisin will be Pakistan's son: Prime Ministerهري پور(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڻڪاري مهم اسان جي زندگي ۽ موت جي جنگ آهي ۽ جيڪڏهن وڻ نه پوکياسين ته پاڪستان رڻ پٽ بڻجي ويندو. هري پور ۾ وڻڪاري مهم جي شروعات جي موقعي ته ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته وڻڪاري مهم اسان جي زندگي موت جي جنگ آهي، وڻڪاري سان ماحولياتي آلودگي ختم ٿيندي جڏهن ته وڻ نه پوکياسين ته پاڪستان رڻ پٽ بڻجي ويندو. سندس چوڻ هو ته گلوبل وارمنگ ۾ پاڪستان ستين نمبر ته آهي، ملڪ کي بچائڻ لاءِ وڻڪاري مهم هلائي رهيا آهيون ۽ اسان کي پنجن ورهين ۾ سڄي پاڪستان کي سائو ڪرڻو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻا آهن، شهرن، جهنگن ۽ خالي علائقن ۾ وڻڪاري مهم هلائينداسين، وڻ لڳائڻ سان برسات ٿيندي آهي جڏهن ته اسڪولن ۾ تعليمي نصاب ۾ وڻڪاري ۽ صفائي سٿرائي جا مضمون شامل ڪيا ويندا. واضح رهي ته حڪومت طرفان اڄ کان وڻڪاري مهم جو شروعات ٿي وئي آهي، مهم کي ”پلانٽ فار پاڪستان“ جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن تحت 5 ورهين ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو هدف طئي ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Quaidabad blast: case registered against unknown suspects

ڪراچي: قائد آباد ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قائد آباد ۾ ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے