15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |سن: ٽرئفڪ ۽ موٽروي پوليس جي زيادتين خلاف ٽرڪ ڊرائيورن جو احتجاج

سن  ويجهو آمري قاضي احمد پل وٽ انڊس هاءِ   وي روڊ تي ٽرئفڪ ۽ موٽروي پوليس جي زيادتين خلاف ٽرڪ ڊرائيورن احٽجاجي مظاهرو ڪيو.

ڊرائيورن عبدالوحيد خشڪ، عبدالستار ڀنڊ، محمد صالح، محمد قاسم، منٺار ٻٻر، محمد نواز رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري موٽروي ۽ ٽريفڪ پولس خلاف نعريبازي ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو تھ موٽروي ۽ ٽرئفڪ پوليس زبردستي في ٽرڪ گاڏي تي  2 هزار روپيا ڀتو اوڳاڙي رهي آهي، جيڪا ڊرائيورن سان زيادتي آهي.

هنن چيو تھ هو  روزانو هڪ هزار رپيا ڪمائن ٿا  پر موٽروي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس پاران 2- 2 هزار رپيا ڀتو وصول ڪيو پيو وڃي.

هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  معاملي جو نوٽِس وٺي ٽريفڪ پوليس ۽ موٽرواي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے