18 اتوار , نومبر 2018

نيوز |سکر: جماعت اصلاح المسلمين پاران گستاخ خاڪن خلاف ريلي

Sukkurسکر ۾ جماعت اصلاح المسلمين پاران گستاخ خاڪن خلاف ڦوھارا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

ڪارڪنن ڊاڪٽر سعيد اعواڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ڦوهارا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  ھالينڊ ۾ مصطفي صلي الله عليه وسلم جي خاڪن جي نمائش ڪري مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي.

ھنن چيو ته مذھبي جذباتن سان کيڏڻ  دنيا  لاءِ  خطرو آھي.

اڳواڻن چيو تھ  مسلمان ملڪن جي اڳواڻن کي گهرجي تھ   هو گڏجي  راءِ عمل جوڙي انھن سازشي عناصرن خلاف آواز اٿارن ته جيئن  شرارتن جو سلسلو ھميشه لاءِ  بند ٿي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : گهارو: پرامن احتجاج دوران سندن  مٿان  ڪوڙي  ايف آئي آر ڪاٽي وئي: عمر ناهيون

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي اڳواڻ عمر ناهيو ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے