19 پیر , نومبر 2018

ايف آءِ آر ۾ چيف جسٽس جو نالو ايس او پي تحت شامل ناهي ڪيو: ڊي آءِ جي ڏکڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب جون بوتلون هٿ اچڻ واري معاملي تي جاچ ڪندڙ ٽيم جي سربراهه ڊي آءِ جي جاويد عالم اوڍي چيو آهي ته پوليس ايف آءِ آر ۾ چيف جسٽس جو نالو ايس او پي تحت شامل ناهي ڪيو. صحافين سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد عالم اوڍي جو چوڻ هو ته شرجيل ميمڻ جو ڪمرو سب جيل هو ۽ قانون معاملا ڏسي جيل انتظاميا طرفان ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي. هن چيو ته ڪنهن سان رعايت نه ڪئي ويندي، گارڊ جنهن ڳالهه کي تسليم ڪري رهيا آهن ان جي تصديق ڪئي ويندي، جڏهن ته اسپتال انتظاميا جي ڪردار کي به ڏٺو ويندو. هن چيو ته ويڊيو ڪلپس مان بلڪل واضح آهي ته اهو سامان ڪنهن آندو ۽ چيف جسٽس سان گڏ اسپتال ويل ٽيم ۾ آءِ جي جيل به شامل هو. جاويد عالم اوڍي چيو ته پوليس ايف آءِ آر ۾ چيف جسٽس جو نالو ايس او پي تحت شامل ناهي ڪيو، جيڪڏهن ايف آءِ آر ۾ سندس دورو شامل هجي ها ته بيان وٺڻ لاءِ به گهرائڻو پئي ها، تنهن ڪري قانوني مشاورت کانپوءِ ان جو ذڪر نه ڪيو. سندس چوڻ هو ته اسان نارمل پوليسنگ ڏانهن اچي ويا آهيون، رڳو موٽر سائيڪل ۽ موبائلون کسڻ جون وارداتون وڌيون آهن پر ٻن هفتن کان انهن ۾ به گهٽتائي اچڻ لڳي آهي. ڊي آءِ جي چيو ته ڪراچي 2 ڪروڙ 20 لک آبادي جو شهر آهي، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ جو منظم نظام موجود ناهي، جڏهن ته ڪراچي پوليس فورس ۾ 37 هزار اهڪار ۽ آفيسر آهن. هن چيو ته حڪومت کي سيف سٽي نظام لاءِ چيو آهي، جنهن تي وڏي وزير سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي، ڪراچي ۾ 7 هزار ڪئميرائون آهن، جڏهن ته دبئي ۾ 40 هزار ڪئميرائون آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

امدادي پيڪيج: سعودي عرب طرفان پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ملي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان تصديق ڪئي آهي ته سعودي عرب طرفان هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے