19 پیر , نومبر 2018

نيوز |کوسڪي: مڙس جي تشدد خلاف عورت پاران احتجاج

کوسڪي ۾ مڙس جي تشدد خلاف عورت والدين سميت تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهتي.

پريس ڪلب ۾ راڻي ڀيل مڙس سوڍو ڀيل جي تشدد خلاف دانهيو.

عورت دانهيو ته هوءَ عيد جي موقعي تي مائٽن وٽ آيل هئي ته مڙس نشي جي حالت ۾ پنهنجي ساٿين سان گڏجي حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻائي ٻار کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن چيو ته حملي ۾ سندس والدين به زخمي ٿي پيا آهن، جنهن جي اين سي ٿاڻي داخل ڪرائي آهي.

هن ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري کين تحفظ ڏين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے