13 منگل , نومبر 2018

نيوز |ٽنڊو باگو: ڪولهي برادري جي ماڻهن پاران پوليس خلاف احتجاج

ٽنڊي باگي ۾ ڪولهي برادري جي ماڻهن پاران پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو ڳوٺ گلڻ خاصخيلي جي سيوجي ڪولهي، جيوو ۽ آلو ڪولهي سميت ٻين عورتن ۽ ٻارن پوليس جي ناانصافين خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪولهي برادري جي ماڻهن الزام هنيو ته سندن برادري جي جڳو ڪولهي کي شراب وڪري جي الزام تحت ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته جڳو ڪولهي درزي آهي، جيڪو عيد تي ڏنل ڪپڙا نئون آباد ۾ گراهڪن کي ڏيڻ ويو، جتان کيس ٽنڊوباگو پوليس کنڀي شراب جي بٺي هلائڻ جي ڪيس ۾ چالان ڪري.

هنن ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته جڳو ڪولهي خلاف ڪيس ختم ڪري انصاف ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے