13 منگل , نومبر 2018

فضل الرحمان سرپرائز ڏيندو، اعتزاز احسن اپوزيشن جو گڏيل اميدوار هوندو: منظور وساڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان سرپرائز ڏيندو ۽ اعتزاز احسن اپوزيشن جو گڏيل صدارتي اميدوار هوندو. منظور وساڻ پنهنجي خوابن ۽ اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور آهي ۽ هاڻ هن اڳڪٿي ڪئي آهي ته سمورين سياسي پارٽين لاءِ ايندڙ 3 مهينا اهم آهن. هن چيو ته جيلن ۾ صفائي ٿي رهي آهي، مڇ ۽ اڊيالا سميت سمورن جيلن جي صفائي ٿي چڪي، پي ٽي آءِ، ن ليگ ۽ جي ڊي اي وارا جيل جي هوا کائيندا. سندس چوڻ هو ته جيلن ۾ گرمي به هوندي ۽ ٿڌ به لڳندي پر پ پ وارا جيل ڏسي چڪا آهن، تنهن ڪري ٻين کي مسئلو ٿيندو. منظور وساڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان پ پ کي سرپرائز ڏيندو ۽ هو اوچتو خواب کانپوءِ اعتزاز احسن جي حق ۾ ويهي رهندو، جنهن کانپوءِ اعتزاز احسن صدارت لاءِ گڏيل اميدوار هوندو. پ پ اڳواڻ موجب عمران خان لاءِ پرويز مشرف کي ڏيهه آڻڻ ٽيسٽ ڪيس آهي، مسئلو جهاز جي پيٽرول جو ناهي پر جهاز جي مينٽيننس ۽ ڪپتان جي پگهار جو آهي، عمران خان اسان کي قائداعظم جي پاڪستان ۾ رهڻ ڏئي. سندس چوڻ هو ته وفاق جيڪڏهن سنڌ حڪومت سان رابطو ڪري بدليون ڪري ته بهتر هوندو، ٻين تي تنقيد ڪندڙ پنهنجي پنجاب جي وڏي وزير جو حال ڏسن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے