19 پیر , نومبر 2018

جاپان پهريون ڀيرو ايشين هاڪي چيمپيئن بڻجي ويو

جڪارتا (اسپورٽس نيوز) جاپان پهريون ڀيرو ايشين گيمز ۾ هاڪي چيمپيئن بڻجي ويو آهي ۽ ان فتح جي ڪري جاپان اولمپڪ 2020ع ۾ سڌو سنئون شرڪت جو به حقدار بڻجي ويو آهي. ملائيشيا جي تخت گاهه جڪارتا ۾ ٿيل ارڙهين ايشين گيمز جي هاڪي سيمي فائنل ۾ اٺ ڀيرا چيمپيئن رهندڙ پاڪستان کي شڪست ڏيندڙ جاپاني ٽيم فائنل ۾ ملائيشيا کي پينلٽي اسٽروڪس تي شڪست ڏني. مقرر وقت ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ ٻنهي ٽيمن ۾ ميچ 6-6 گولن سان برابر رهي، جنهن کانپوءِ فيصلي لاءِ پينلٽي اسٽروڪس جو سهارو ورتو ويو. جاپان پينلٽي اسٽروڪس تي فائنل ميچ 1-3 تان کٽي ورتي ۽ پهريون ڀيرو ايشين هاڪي چيمپيئن جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائي ورتو. فتح جي ڪري جاپان ٽوڪيو اولمپڪ 2020ع ۾ سڌو سنئون شرڪت جو به اعزاز حاصل ڪري ورتو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهڙي به نمبر تي موڪليو وڃي سو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان: بابر اعظم

لاهور (اسپورٽس نيوز ) ٽيل اينڊرز جي ساٿ ڇڏي وڃڻ تي بابر اعظم مايوسي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے