13 منگل , نومبر 2018

ايشيا ڪپ: لاسٿ ملنگا جي سريلنڪن ٽيم ۾ واپسي

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ۽ ڀارت کانپوءِ سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ به ايشيا ڪپ لاءِ پنهنجي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايشيا ڪپ لاءِ سريلنڪن ٽيم جو اعلان ٿي ويو آهي، جنهن ۾ حيرت انگيز طور تي ڊگهي عرصي کان ٽيم کان ٻاهر رهندڙ فاسٽ بالر لاسٿ ملنگا کي به شامل ڪيو ويو. 35 ورهين جو فاسٽ بالر ڊگهي عرصي کان ان فارميٽ کان ٻاهر آهي. هن پنهنجي آخري ون ڊي ميچ سيپٽمبر 2017ع ۾ کيڏي هئي، جڏهن ته هو ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ٽيم جي نمائندگي ڪندو رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ فاسٽ بالر دشمنٿا چميرا ۽ آف اسپنر دلروان پريرا به اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن، پريرا آخري ون ڊي ميچ گذريل سال اپريل ۾ کيڏي هئي، جڏهن ته دنوشڪا گناٿلاڪا، جنهن کي سائوٿ آفريڪا سان سيريز دوران ضابطن جي ڀڃڪڙي تي هڪ سال جي پابندي لڳائي وئي هئي، ان کي به موقعو ڏنو ويو آهي. گوڏي جي انجري مان صحتياب ٿيندڙ اينجلو ميٿيوز ٽيم جي قيادت ڪندو. 15 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ ايشيا ڪپ لاءِ اعلانيل سريلنڪن اسڪواڊ ۾ انجيلو ميٿيوز ڪپتان، ڪوسل مينڊس، اپل ٿرنگا، دنيش چندي مل، اڪيلا ڌنانجيا، دلروان پريرا، اميلا اپونسو، ڪاسون راجٿا، دشمنٿا چميرا، سرنگا لڪمل، لاسٿ ملنگا، دنوشڪا گناٿلاڪا، ٿسارا پريرا، ڊاسن شناڪا، ڌنانجيا ڊي سلوا ۽ ڪوسل پريرا شامل آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ: پاڪستان  پنجين نمبر تي اچي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز)آئي سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين ۽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے