21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |ڊگهڙي: نوجوان کي مبينا مقابلي ۾ گرفتار ڪرڻ خلاف وارثن پاران احتجاج

Dighriڊگهڙي ۾ نوجوان کي مبينا مقابلي ۾ گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ خلاف وارثن پاران احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

محمد چوڪ تي مقصود، اخلاق اسد ۽ مسرت آرائين سميت ٻين نوجوان عُزير آرائين کي گرفتاري ڪري مٿس ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي نوجوان جي وارثن الزام هنيو ته 2 ڏينهن اڳ ڊگهڙي پوليس عُزير آرائين کي موٽر سائيڪلن جي دڪان تان موٽر سائيڪل چوري جي ڪوڙي الزام  گرفتار ڪيو هو.

هنن چيو ته گذريل رات پوليس سندن نوجوان تي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي پوليس فائرنگ ۽ چوريءَ جو ڪيس داخل ڪيو آهي.

سندن چوڻ هو ته سندن نوجوان بي گناهه آهي، مٿس لڳايل الزام ڪوڙا آهن.

وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس خلاف ڪارروائي ڪري سندن نوجوان کي آزاد ڪرائي انصاف ڪن.

هوڏانهن ڌرڻي واري هنڌ ڊي ايس پي ڳالهين لاءِ پهتو، پر مظاهرين ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڌرڻو جاري رکيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے