15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |احمد پور: پرائمري اسڪول ۾ استادن جي کوٽ خلاف احتجاج

احمد پور ڀرسان پرائمري اسڪول ۾ ڏيڍ سئو شاگردن لاءِ رڳو هڪ استاد مقرر، ڳوٺاڻن پاران تعليم کاتي جي اختيارين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ محمد صالح ميتلو جي سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ استادن جي سخت کوٽ، ڏيڍ سئو کان وڌيڪ شاگردن لاءِ رڳو هڪ استاد هجڻ سبب شاگردن جو مستقبل تباهي ڏانهن وڃڻ لڳو.

اسڪول ۾ استادن جي کوٽ خلاف عصمت الله، حفيظ ۽ هدايت الله  سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن احتجاجي ڪري  تعليم کاتي خيرپور جي اختيارين خلاف نعريبازي ڪئي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته سندن ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استادن جي سخت کوٽ آهي، ڏيڍ سئو کان وڌيڪ شاگردن لاءِ هڪ استاد مقرر ٿيل آهي، جنهن سبب معصوم شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي.

هنن چيو ته استادن جي کوٽ بابت ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ دانهڻ باوجود ضلعي اختيارين جي ڪن تي جونءَ به  نه ٿي چُري.   ڳوٺاڻن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي استاد مقرر ڪري ٻارڙن جو مستقبل سنوارين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص ۾ نينگر گٽر نالي ۾ ڪري فوت

ميرپورخاص  ۾ نينگر  گٽر نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويو . ايوب نگر جو رهواسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے