15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |حيدرآباد: تقريب ڪوٺائي محمد علي لغاري جي ٻئين ورسي ملهائي ڀيٽا پيش

Hyderabadحيدرآباد ۾ تقريب ڪوٺائي محمد علي لغاري جي ٻئين ورسي ملهائي وئي.

پريس ڪلب ۾ ايس يو پي پاران ڪوٺايل ورسي تقريب ۾ ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو، لطيف لغاري ۽ رسول بخش ٿيٻو سميت ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته چاچا محمد علي لغاري هڪ فرد نه پر هڪ وڏو ڪردار هو، جنهن سڄي ڄمار جدوجهد ۾ گذاري.

هنن چيو ته چاچا محمد علي لغاري مارشل لا جي دور ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪچهريون ڪرائي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪندو هو ۽ هن ڪيترائي سياسي ڪارڪن جوڙيا.

سندن چوڻ هو ته چاچا محمد علي لغاري سنڌ سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو، سنڌ جي مسئلن تي سدائين اڳ ڀرو رهي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي.

اڳواڻن چيو ته چاچا محمد علي لغاري لطيف جو وڏو پارکو هو ۽ سائين جي ايم سيد جو پوئلڳ هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏهرڪي: نصاب جاڪتاب ٻارن کي ڏيڻ بدران وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

*ڏهرڪي ۾ نصاب جا ڪتاب شاگردن ۾ ورهائڻ بدران گودام ۾ ذخيرو ٿيڻ جو انڪشاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے