17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز |وڳڻ: گهرو اڻبڻت تان مڙس پنهنجي زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

Waganوڳڻ ڀرسان گهرو اڻبڻت تان مڙس پنهنجي زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

ڳوٺ قبول تيوڻا ۾ گھرو اڻبڻت تان جوابدار علي حسن بروھي پنھنجي گهرواري ۽ 9 ٻارن جي ماءُ صحت خاتون کي گھُٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي وڳڻ پوليس پھچي عورت جو لاش سرڪاري اسپتال آندو، جنهن بعد وارث مڙهه گهر کڻائي ويا.

مقتول عورت جي ڀاءُ عبدالرسول جي فرياد تي جوابدار تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

مقتول عورت جي ڀاءُ عبدالرسول بروھي موجب رات دير سان سندس ڀيڻ کي پنھنجي مڙس جوابدار علي حسن بروھي ڪمري ۾ بند ڪري رئي سان گُھٽا ڏئي قتل ڪري فرار ٿي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے