21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ڇني: ڪيترائي ڳوٺ گذريل 8 مهينن کان بجلي کان محروم، رهواسي سخت پريشان

Chhinni: Many villages deprived of electricity, residents in worry*ڇني ويجهو ڪيترن ئي ڳوٺن جي گذريل اٺن مهينن کان بجلي بند آهي جنهن سبب رهواسي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

 ڳوٺ حمزو خان شاهاڻي،  الهداد شاهاڻي،  سچل بوزدار سميت  ڪيترن ئي  ڳوٺن جا رهواسي گذريل  8 مهينن کان بجلي کان محروم آهن.

ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لائن مين پاڻ کي گبر سنگهه  سڏرائي  ٽنڊو رحيم ۽ هليلي کان سندن  بجلي بند ڪري ڇڏي ٿو.

ڳوٺاڻن دانهيو تھ گذريل اٺن مهينن کان هو بجلي جي سهولت کان محروم آهن جنهن ڪري هو عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

هنن   سيپڪو چيف کان مطالبو ڪيو تھ  بجلي جو نوٽِس وٺي بجلي بحال ڪئي وڃي……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے