14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: جهڏو: مال جي ڀيل تان روڪڻ تان ڳوٺاڻي جي گهر تي حملو ، گهرن وارن تي سخت تشدد

Jhudo: Villager beaten up by some people*جهڏي ويجهو  مال جي ڀيل تان روڪڻ تان ڳوٺاڻي جي گهر تي حملو ڪري کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

ٽنڊو جان محمد ٿاڻي جي حد ۾ مال جي ڀيل تان روڪڻ تان  جوابدارن پورهيت قاسم خاصخيلي جي گهر تي حملو ڪري کيس سخت مارڪٽ ڪئي.

ڳوٺ شريف رانگڙ جي رهواسي پورهيت قاسم خاصخيلي ميڊيا سينٽر جهڏي پهچي احتجاج بعد دانهيو تھ هو اسلم راجپوت وٽ هاري آهي سندن  ڳوٺ جي ڀرپاسي ۾ چانڊين جا ڳوٺ آھن جيڪي روزانو سندس ٻني ۾ مال ڇڏي ڀيل ڪرائن ٿا.

هن چيو تھ کين  فصل جي نقصان ڪرڻ کان روڪيو تھ هو مڇرجي پيا ۽ کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو.

هن الزام مڙهيو تھ  ايوب چانڊئي ، بگو چانڊئي ، واحد چانڊئي سميت ٻين مڇريل ماڻھن  سندس گهر تي ڪاھ ڪري گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ موٽرسائيڪلن سان کري ۾ پيل مرچ لتاڙي نقصان ڪيو.

متاثر چيو تھ  جوابدارن خلاف ٽنڊو جان محمد ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس بااثرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ رشوت طلب ڪري رهي آهي.

هن ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو  ڪيو تھ  بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے