17 ہفتہ , نومبر 2018

هي ڪانسيپٽ فون توهان کي ضرور پسند ايندو

You must like this concept phoneڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايپل ۽ سام سنگ تائين لچڪدار سمارٽ فون متعارف ناهن ڪرائي سهگيا پر هڪ ڪمپني هڪ پوري سمارٽ فون کي ڪلهي تي وڪورڻ لاءِ  تيار آهي. زي ٽي اي جي سب تنظيم نوبيا آءِ ايف اي نمائش دوران اهڙو ڪانسيپٽ فون نوبيا اي متعارف ڪرايو جنهن کي” وئير ايبل سمارٽ فون“ قرار ڏنو ويو آهي. اهو ڏسڻ ۾ واقعي زبردست جنهن ۾ بهترين ڪيمرا پڻ ڏني وئي آهي. ان فون ۾ لچڪدار ڊسپلي ڏسڻ ۾ رنگارنگ ۽ ان ۾ ٽيڪسٽ کي پڙهڻ آسان آهي. ان کي ڪنهن بريسليٽ وانگر ڪرائي ۾ پائي سگهجي ٿو يا گهٽ ۾ گهٽ ڪانسيپٽ ماڊل کي ته ائين ئي ڏيکاريو ويو آهي. ڪمپني طرفان في الحال ان ڊيوائس جي ڊسپلي جي سائز ۽ ريزولوشن کي ظاهر ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي تفصيل کي بيان ڪيو ويو آهي. ڪمپني موجب هلندڙ سال جي آخري ٽه ماهي دوران ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل بيان ڪيا ويندا. ان فون ۾ فور جي ڪنڪٽيوٽي ڏني وئي آهي جنهن سان فون ڪال ڪرڻ ۽ رسيو ڪرڻ ممڪن آهي، فٽنس کي ٽريڪ ڪري سگهجي ٿو، تصوير ڪڍي سگجهي ٿي. ان ڪيمرا سان ويڊيو ڪال پڻ ڪري سگهجي ٿي پر ان جي رزلٽ جو دارومدار توهان جي هٿ جي حرڪت تي هوندو. ڪمپني جي طرفان في الحال ان کي واهپيدارن لاءِ تيار ڪرڻ جي حوالي سان ڪو به اعلان ناهي ڪيو ويو جڏهن ته ڪانسيپٽ ماڊل کي ٽيسٽ ضرور ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

روشني سان دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ جي تياري

سڊني(ويب ڊيسڪ)دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ تيار ڪرڻ جي ڪششن  ۾ آسٽريليا جي تحقيق به …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے