19 پیر , نومبر 2018

ڊي پي او پاڪپتن بدلي ڪيس: پوليس ۾ سياسي مداخلت جي هڪ هفتي ۾ جاچ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڊي پي او پاڪپتن جي بدلي تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ پوليس ۾ سياسي مداخلت جي جاچ جو حڪ ڏيندي هڪ هفتي ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ڊي پي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي آءِ جي پنجاب ڪليم امام، اڳوڻي ڊي پي او پاڪپتن رضوان گوندل، خاور مانيڪا ۽ سندس نياڻي مبشريٰ مانيڪا سميت ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.  سپريم ڪورٽ آءِ جي پنجاب ۽ ٻين جا بيان ٻڌڻ بعد پوليس ۾ سيسي مداخلت جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جنهن جي جاچ آءِ جي پنجاب ڪليم امام ڪندو جڏهن ته عدالت خاور مانيڪا جي نياڻي سان بداخلاقي جي انڪوائري ايڊيشنل آءِ جي پنجاب ابوبڪر حوالي ڪري ڇڏي آهي. ٻڌڻي شروع ٿي ته آءِ جي پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته سمورا گهرايل ماڻهو عدالت ۾ آهن ۽ سمورن ماڻهن جا حلفي بيان به پيش ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي آءِ جي پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته ڊي پي او پاڪپتن رضوان گوندل کي وڏي وزير جي آفيس نه وڃڻ جو چيو هو، جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان چيو هو ته اسان 24 ڪلاڪ ڪم ڪندا آهيون تنهن ڪري رات هڪ وڳي بدلي ڪئي وئي. چيف جسٽس چيو ته فائل ڏيکاريو، ڊي پي او جي بدلي لکت آرڊر ذريعي ٿي يا زباني حڪمن ذريعي، جنهن تي آءِ جي پنجاب ٻڌايو ته بدلي جو حڪم زباني ڏنو ويو،چيف جسٽس چيو ته توهان منهنجون ڏنل هدايتون وساري ڇڏيو، مان سمورن آءِ جيز کي گهرائي چيو هو ته اڄ سموري اثر رسوخ کان آزاد ٿي وڃو، پوليس سياسي دٻاءَ ۽ حاڪمن جي چوڻ تي ڪم نه ڪري. ان موقعي تي آءِ جي پنجاب چيو ته ڊي پي او عورت سان بدتميزي جو نوٽيس ڇو نه ورتو، چيف جسٽس چيو ته ڇا ڪمانڊر طور ديانتداري جو مظاهرو ڪيو، زباني بدلي جا حڪم ڇو ڏنا ويا. عدالت جي شديد ڪاوڙ تي آءِ جي پنجاب چيو ته مان پاڻ کي عدالت جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيان ٿو، چيف جسٽس چيو ته اسان کي فائل ڏيکاريو، آءِ جي پنجاب چيو ته مون کي بدلي پوسٽ ڊيٽڊ ڪرڻي هئي، چيف جسٽس چيو ته اسان کي پوسٽ ڊيٽڊ فائل ڏيکاريو جنهن تي آءِ جي پنجاب چيو ته هن وقت فائل مون وٽ ناهي. چيف جسٽس چيو ته احسن گجر ڪير آهي، ڪٿي آهي، اٿي بيهو، احسن گجر خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟ چيف جسٽس احسن گجر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ٻارن جا گارڊين آهيو، جنهن تي احسن گجر چيو ته مان ان آفيشل گارڊين آهيان، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته توهان جو پنجاب جي وڏي وزير سان ڪهڙو تعلق آهي، جنهن تي احسن گجر چيو ته مان شهري آهيان. چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عدالت ۾ بيهي ڪوڙ نه ڳالهايو، جنهن جي دل چوي پوليس کي گهرائي ذليل ڪري، توهان ٻارن جا ماما آهيو يا چاچا.  چيف جسٽس چيو ته وڏي وزير کي ڪهڙو حق هو ته پوليس کي گهرائي چوي، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته وڏي وزير رڳو داد رسي ڪرڻ جو چيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان سجهو ٿا ته اسان کي وڏي وزير کي نوٽيس ڏيڻ گهرجي، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته وڏي وزير جو قبائلي خاندان سان تعلق آهي. جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته هي ڪو قبائلي ملڪ ناهي، هتي قانون هلندو آهي، وڏي وزير کي ملڪ جي قانون موجب ڪم ڪرڻو هوندو آهي. ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته اسان سوچي رهيا آهيون ته وڏي وزير کي عدالت ۾ گهرايون، وڏي وزير جو واقعي سان ڪهڙو تعلق هو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪاٿي آهي خاور مانيڪا سامهون اچي جنهن تي هو پنهنجي سيٽ تان اٿيو ته چيف جسٽس چيو ته ڇا توهان زنده آهيو، توهان ٻارن جي ڪسٽڊي ڪنهن ٻئي حوالي ڪئي آهي، توهان جي نياڻي سان جيڪو ٿيو غلط ٿيو آهي. خاور مانيڪا ٻڌايو ته سندس نياڻي ٻڌايو ته پوليس ڊيوٽي دوران شراب پي رکيو هو، پوليس جي رويي سبب نياڻي ڏڪي رهي هئي. چيف جسٽس مقالمي دوران چيو ته آءِ جي پنجاب مايوس ڪيو، نياڻي کي مس هينڊ ڪرڻ ۽ پوليس ۾ سياسي مداخلت تي ڪارروائي ڪنداسين. چيف جسٽس ثاقب نثار ڊي پي او پاڪپتن جي بدلي تي پوليس ۾ سياسي مداخلت بابت هڪ هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan fall short as NZ win Abu Dhabi thriller

ابوظهبي ٽيسٽ: نيوزيلينڊ سخت مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز )ابوظهبي ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي چئن رنسن تان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے