14 بدھ , نومبر 2018

 روهنگيا مسلمانن جي ظلم تان پردو کڻندڙ ٻن صحافين کي 7سال قيد جي سزا

Two journalists, who have been raped by the victims of the Rohingya Muslims, were imprisoned for 7 yearsيانگون(ويب ڊيسڪ) ميانمار جي عدالت روهنگيا مسلمانن تي ظلم بابت حقيقتن تان پردو کڻندڙ غيرملڪي خابرو ادري جي ٻن صحافين کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت غيرملڪي صحافين خلاف ملڪي ڳجهي رازن جي ڀڃڪڙي واري قانون تحت فيصلو ٻڌايو. پرڏيهي خابرو اداري موجب 32 ورهين جي والون ۽ 28 ورهين جي ڪيئوسو اوڪو کي 12 ڊسمبر تي گرفتار ڪيو ويو هو. ٻئي صحافي ميانمار جي رياست رخائن ۾ روهنگيا مسلمانن جي نسل ڪشي تي تحقيقاتي رپورٽ ڪم ڪري رهيا هئا. سزا ٻڌائڻ بعد رپورٽر والون چيو ته مونکي ڪو به خوف ناهي، مان ڪجهه به غلط ناهي ڪيو، مان انصاف، جهموريت ۽ آزادي تي يقين رکان ٿو. ان حوالي سان ميانمار حڪومت جي ترجمان زائوطي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ميانمار جي عدالتون خودمختيار آهن ۽ اهو ڪيس قانون موجب هلايو ويو آهي. ٻئي پاسي گڏيل قومن ميانمار جي عدالت جي فيصلي کي غيرمنصفاڻو قرار ڏيندي ٻنهي صحافين کي فور طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي ايڊيٽر ان چيف اسٽيفن ايڊلز چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا ۾ آزاد صحافت لاءِ  افسوسناڪ ڏينهن آهي.  هيومن رائٽس واچ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر فل رابرٽس پڻ ان فيصلي کي آزاد صحافت لاءِ بدترين ڌچڪو قرار ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزه جي صورتحال تي سلامتي ڪونسل جو اجلاس بغير نتيجي جي ختم

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بمباري ۽ غزه جي صورتحال تي غور لاءِ سلامتي ڪونسل جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے