16 جمعہ , نومبر 2018

سنڌ پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي مان ڪا به اميد نه ٿي رکي

ڪامران چانڊيو

پي ٽي آءِ جي مرڪز ۽ پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ حڪومٺ ٺهڻ کانپوءِ ڪافي ماڻهن جا اها سوچ آهي ته ڪجهه نه ڪجهه تبديلي  ضرور ايندي ڇو جو عمران خان کي ووٽ تبديلي جي بنياد تي ئي مليا آهن باقي پيپلز پارٽي جي ڪاميابي جو راز الائي ته ڇا هيو جو ايڏي وڏن پڇاڻن باوجود به سنڌ کي 2008ع  ۽ 2013ع کان وڌيڪ مارجن تان کٽي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو سنڌ ۾ پ پ جي اليڪشن کٽڻ بعد پيپلز پارٽي جي اعلي قيادت پويان ٽي سال وڏو وزير رهندڙ مراد علي شاهه کي وري سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو هيو پاڻ ماضي جي ورقن کي اٿلايون ٿا جيڪا ماضي ڪا قديم ناهي نه ئي وري صديون پراڻي آهي جڏهن مراد شاهه سنڌ جو پهريون دفعو وڏو وزير بڻيو هيو ته هر ماڻهو جي وات ۾ اهو جملو ٻڌڻ ۾ آيو پئي جيڪو ٽن ورهين بعد اڄ وري ٻڌڻ ۾ اچي پيو سو جملو اهو هيو ته مراد شاهه پڙهيل لکيل ۽ روشن خيال ماڻهو آهي اهو ضرور ڪنهن حد تائين سنڌ جي خوشحالي ۾ ٻه قدم اڳتي وڌائيندو ان ڳالهين کي مراد شاهه ڪنهن حد تائين صرف اعلانن ذريعي پاڻي به ڏنو ۽ تعليم ۾ ايمرجنسي,صحت کاتي ۾ ايمرجنسي جهڙا اعلان ڪري ان دور جي سياسي شعور رکندڙ پارٽين ۽ روشن خيال ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ ۾ ڪامياب ضرور ويو پوءِ جڏهن انهن اعلانن کي پورو ڪرڻ جو وارو آيو ته رزلٽ نه هجڻ برابر هئي بس اهي اعلانن اعلان ئي هئا جيڪي هن وقت تائين اعلان ئي آهن نه سنڌ جو تعليمي نظام سڌريو نه ئي وري جي صحت کاتي ۾ تبديلي آئي پر ڏينهون ڏينهون تعليم ۽ صحت کاتي جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري ۽ ساري آهي.

روزاني جي اخبارن ۾ واقعا پڙهڻ لاءِ ملڻ ٿا جڏهن ڪڏهن اسڪولن جا چاپڙ ڪريون پون ته ڪڏهن وري اسڪول وٿاڻڻ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن ان کي ڀلا تبديلي جو جيڪڏهن جي نالو ڏئي ڇڏجي ته ڇا ٿا سمجهو ماڻهو ان ڳالهه کي ڀلا تسليم ڪندا ته ڇا هي تبديلي آهي ۽ ان تبديلي جي بنياد تي پاڻ وري هن ڀيري پيپلز پارٽي کي ايوانن ۾ اماڻيو ويو آهي
تبديلي ته نالو ئي ڪنهن چينج جو آهي اگر معاشرو تبديل نه ٿيو آهي ۽ ويتر تنزلي طرف ويو آهي ته ڇا پوءِ ان کي به تبديلي جو نالو ڏجي باقي جيڪڏهن جي تبديلي جي ڳالهه ڪندڙ اسان جا دانشور شايد ان تبديلي جي ڳالهه پيا جيڪا شايد ڪڏهن ممڪن ئي ڪونهي ڇو جو ساڳي قيادت پٺيان ڀلي جي سوين چهرا مٽايا وڃن پر تبديلي جو ناٽڪ صرف عوام کي بيوقوف ڪرڻ ئي هوندو آهي ڇو جو جيڪڏهن جي قيادت کي پٺي ڏئي تبديلي جي ڳالهه ڪندو ته اهو ٻي ڏينهن تي شايد گهر ڀيڙو نه ٿئي ته اها ان جي خوشي نصيبي هوندي باقي ان جو ڪنهن تبديلي لآءِ ننڍڙو جملو به اعلي قيادت کان پڇي پوءِ ڳالهائڻ جي اجازت آهي ڇو جو هتي سڀ چور دروازي مان داخل ٿيل اسان جا حڪمران آهن جن مان ڪا به اهڙي اهليت ناهي جنهن سان دل مطمئن ٿئي ته واقعي هي اسان ته حڪمراني ڪري سگهي ٿو ۽ حڪمراني جي قابل پڻ آهي سو هن ڀيري به نون چهرن پٺيان اها ساڳي قيادت آهي جنهن جي ماضي ۾ ڪا به سٺي ڪارڪردگي ناهي باقي مرڪز ۾ عمران خان جي ڪاميابي بعد جو تبديلي جو رينگٽ شروع ٿيو ته تبديلي اچي وئي آهي پر ان تبديلي جي ڪجهه ڏينهن ۾ خبر پئجي وئي جڏهن ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي سميت ٻين اتحادين کي به منسٽريون ڏئي واقعي تبديلي لآءِ ووٽ ڏيندڙ عوام کي وري نئين انداز سان نئون چهرو آڻي بيوقوف بڻايو ويو. سنڌ ته هن وقت ڪنهن به پارٽي مان اميدون نه ٿي رکي ٿو ڇو هن ڀيري به سنڌ تي پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي جنهن جي پويان ڏهه سال ڪارڪردگي زيرو آهي باقي مرڪز ۽ عمران مان ان ڪري تبديلي جي ڳالهه رکڻ اجائي آهي جو عمران جا اعلان صرف ۽ صرف اعلان آهي باقي جيڪڏهن اهي اعلان ڪنهن نموني سان حقيقت طرف ويا ته پوءِ به سنڌ جي عوام کي ڪو فائدو ملندو باقي هاڻي ته پيپلز پارٽي ۽ پي aٽي آءِ مان سنڌ جو عوام ڪا به اميد نه ٿو رکي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غير فعال بڻجندڙ حڪومتون ۽ پارليامينٽ !

شفيق الرحمان شاڪر چوڻ لاءِ ته چئي سگھجي ٿو ته ڪجهه عرصو پهرين ٿيل عام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے