16 جمعہ , نومبر 2018

شڀ ڏڻ جنم اسٽمي (ڪانھوڙي) جي مناسبت سان

انيل ڪمار مڪواڻا

ڪانهوڙو جنم اشٽمي هن تهوار کي جنم اشٽمي، گوڪلا اشٽمي ۽ ڪرشان جيئنتي چوندا آهن ۽ ان کي ٿر ۾ ڪانهوڙو سڏيندا آهن هي تهوار سانوڻ جي اونداهي اٺينءَ تٿ تي سنڌ ۽ سڄي دنيا جا هندو ، وچ آگسٽ ڌاري ملهائيندا آهن ٿر ۾ هن ڏينهن کي خاص اهميت آهي.

سانوڻ برسات جي مهيني کي سانوڻ سڏجي ٿو، هي ڏينهن سنڌي ڪئلينڊر جو پنجو مهينو آهي، جيڪو آکاڙ ۽ بڊي مهينن جي وچ ۾ يعني 16 جولاءِ کان 15 آگسٽ تائين ايندو آهي، هنڌو ڌرم موجب توڙي سنڌ جي موسمي  حالتن مطابق سانوڻ مهيني کي خاص اهميت حاصل آهي ڇو ته هي مهينو، مينهن برساتن جو مهينو آهي برسات جي موسم کي سانوڻ جي مند به چوندا آهن، هن مهيني درياهه به چاڙهه ۾ ايندو آهي۽ ٿر بر ۾ وسڪارو ٿيندو آهي وسڪاري کي سڄي سنڌ ۽ خاص ڪري ٿر ريگستان جا ماڻهو زندگي جي علامت سمجهندا آهن، ٿري ماڻهو سانوڻ مهيني جو وڏو اوسيئڙو ڪندو آهي سانوڻ، سرهائي، سک، سلامتيءَ ۽ سونهن جي علامت آهي. سنڌ جي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعرن سانوڻ کي خوب ڳايو آهي

شاهه جي رسالي ۾، سر سهڻي، سر بلاول، ۽ سر سارنگ ۾ شاهه لطيف جا سانوڻ بابت ڪيترا بيت ملن ٿا.

واهڙَ ڀيريون نه پاءِ، تو پڻ ليکو ڏيئڻو،

سدا ”سانوڻ“ ڏينهڙا، هينئين نه هونداءِ،

وهاڻيءَ وينداءِ، اُتانها لهي!

شاهه لطيف ٿر جي ماڻهن ۽ ساهوارن جي ان اوسيئڙي واري ڪيفيت جو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ هن ريت ڪيو آهي

سارنگ کي سارين، ماڻهو، مرگهه، مينهيون

آرون ابر آسري، تاڙا تنوارين،

سپون جي سمونڊ جون، نئين سج نهارين

پلر پيارين،  ته سنگهارن سک ٿئي

ٿري ڍاٽڪي ۾ سانوڻ کي سرامڻ به چوندا آهن جيڪو سنسڪرت لفظ شرامڻ شروڻ آهي

سر امڻ آيو سُرنگو، آئي نويلي ٽيج

(اجهو  سهڻن رنگن وارو سانوڻ آيو آهي، ڄاڻ ته سانوڻ ٽيج به آئي)

سانوڻ مهيني ۾ ٿر جا مارو لوڪ، ڏهوڪي، موري، ڏيل ڏو وڻجاري، ڀيئي، ڍولي، ڍاٽيڙي، همرچي، ڪجليي، هينڍامڻي، منڍوڙي، ورساڙي، چوماسي، سانوڻ ٽيج پڻهياري، جلاليي، جوڌئي، رومال ۽ ڪونجل جهڙا لوڪ گيت ڳائي خوشيون ملهائيندا آهن

سرامن جي مُند ۾ اڪثر ٽيج، ڪانوڙو سانوڻي برساتون هلچل ۾ رهن ٿيون ساهيڙين ۽ سرتين جا جٿا پاڙي جي وڏي اوٽي واري ۽ چيني ٽائلن سان سينگاريل گهر ۾ ننڍي ڪُنڊ تي ٻڌل نم جي وڻ تي هيڏ ته هوندا آهن!! پر انهن سمورن رسمن رواجن کان وڌيڪ چوڙيو مندر ، ڪجلاسر، سنت نينو رام جو آشرم، پاري نگر، ساڙدرو، ڀوڏيسر،  ڀالوا  ۽ مائي مٺان جي شهر مٺي جي گڊي ڀٽ لڙڪيل ڀريا نيڻ آلا ڪري بيٺل ٿرواسي انتهائي انوکو آهي.

پوري دنيا سميت هند سنڌ  سناتن ڌرم جا رکوالا  ڀگوان ڪرشن جو جنم ڏينهن وڏي جوش خروش سان ملائيندا آهن، پوري دنيا ۾ سناتن ڌرم طرفان ڪرشن ڀگوان جو جنم ڏينهن هرسال جيئان هن سال به وڏي جوش ۽ خروش سان ملهايو پيو وڃي  مرد ۽ عورتون مختلف مذهبي ڀجنن تي رقص ڪندا آهن سناتن ڌرم پاران سندن عقيدي ۾ ٺاهيل ڀگوان جي مورتي جي پراٿنا پوجا پاٽ ڪندا آهن. هو 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان اهي رسمون ملهائيندا ٿا اچن ته سندس مشهور پوجا ڪانوڙو به اڄ ٻوڙي سندن ڀگوان کي شنان ڪرايو ويندو آهي، ڪانوڙي جي رسم ۾ هندن کانسواءِ ٻين مذهبن جا ماڻهو شريڪ ٿين ٿا. سنڌ ۾ رهندڙ اقليت پنهنجا تهوار سنڌ ۾ بنا ڪنهن خوف جي ملهائين ٿا ۽ سنڌي پڻ هر تهوار  ۾ شرڪت ڪن ٿا جنهن ۾ رنگ به رنگي هولي، ديپاوالي ۽ ٻيا تهوار شامل آهن

سناتن ڌرم سنڌ ڌرتي جي گولي تي بيٺل هڪ خوشنصيب خطو آهي جتي تهذيبي گلستان جا سڀ کان  پهرين گُل، گونج ڦٽا هئا سنڌو ماٿري جي ثقافت مان انساني مهذب ٻئي رهڻي، ڪهڻي، اٿڻي، ويهڻي جي انتهائي حيرت انگيز، باڪمال ۽ منفرد ثابتي ملي ٿي سنڌ جي مثالي تهذيب کي صدين جو منفرد تسلسل آهي تنهن ۾ مذهب ۽ ماڻهپو ، پنهنجي حسين سنگم سان عروج تي نظر اچن ٿا.  سنڌ جي قديمي ثقافت سان سينگاريل تهوار ”ڪانوڙي“  جيڪو پڻ سانوڻي مهيني ۾ غريبن جي دردن کي ننڍي ٻار جيئان ڌُتاري خوشين طرف مصروف ڪري ڇڏيندو آهي، ڀٽائي جي نگري ۾ جنم وٺندڙ پوري انسان ذات هن تهوار کي فرضي نموني سان ملهائيندي آهي. سناتن ڌرم جي تهوار جا سڀ رنگ انوکا آهن،  ڪانوڙو ويجهو ايندي ئي پوري سناتن ڌرم جي چهرن تان مايوسي هليو ٿيو وڃي ۽ برساتي بادل پنهنجي هنگامي ميٽنگ گهرائي ڪانوڙو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءَ سمنڊ ڪناري تي پاڻي جي مست، مدهوش ڇولين اڳيان فيصلو محفوظ ڪريو ڇڏين ته ڪهڙي طرف، ڪهڙي پار هلڻو آهي اتي بادل غريبن جي خوشين کي ڏسي پاڻ خوشي جا لڙڪ واهيو ڇڏين ته ٿر ۾ رهندڙ ٿرين جي چهرن تي ايندڙ مُرڪ ڪيڏي نه مانائتي آهي جو پريشانيون عارضي طور پنهنجي جهوپڙي کي آباد ڪري منهنجي ماروئڙن جي خوشين ۾ ٻهروپي ٿي شريڪ ٿيو پون،

لفظ موتي نه ٿيا، گيت مالھا نه ٿيو،

ھاء ڙي زندگي توسان ڇا ڇا نه ٿيو

ٻھراڙي جتي اڄ به پرھ ڦُٽي ويل جنڊ جو آواز ڳوٺ ڌڻين کي جاڳ جا سڏ ڏئي ٿو، اونھي کوھ تي ڀوڻي جو آواز سکين جي ٽھڪ سان گڏجي شور مچائي ٿو، پاڻھيارين جا ٻيلهڙا ساٺ سوئنڻ ويچاريندڙ جھوني کي شُڀ شُڳن ڏين ٿا. مورن جا ٽھوڪا مينھن سارين ٿا، ڍورن جي ميري پُٺي وسڻ جا اھڃاڻ لڳي ٿي تڏھن ڌراڙ به ٻڪرين جي وٿاڻ بدلائڻ جي شُڀ خبر ڏئي ٿو، ۽ پڪ ٿئي ٿي وسڪارو وسڻ جا ويس ڪري پيو.

ڳوٺ جي ڳلين ۾ جڏھن گذرڻ ٿئي ٿو، سانوڻي ٽيج جا گيت ٻُڌجن ٿا، جيڏين ۾ ڳالھيون عام ھُجن ٿيون، جنم اشٽمي (ڪانوڙو) ھيل ڪاڪل جي گھر ٺاھبو، ڀرتار ضرور موٽي ايندو، ڪٿي وري ونين ۾ ڀُڻڪو به ٿئي ٿو ته ور وري ئي نٿو ڪانوڙو ڪيئن ڪيان. ڪنھن ڪنوار جي ھٿن جي ميندي رنگ ڇڏي ڏيندي آھي، وصل جي گھڙي ڏُھاڳ ڏيندي آھي، انھن لاءِ سانوڻي ٽيج، جنم اشٽمي ۽ گڻيش چوٿ جھڙا ڏينھن ڏھاڙا ڪا ئي معنيٰ نٿا رکن ته ڪٿي ڪنوارا وجود ستابي گھرن جي ورن جي چونڊ لاءِ باسون باسيندا آھن. روئڻ ٽانڊو ٿيندي آھي، نخشتر واءُ چڙھندا آھن، آدر ۾ مينھن جي اميد ڪبي آھي، اُتر ڏسا ۾ ڪاري گھٽا ڪر کڻندي آھي، ڀڄنگ نانگ ڀڄي وڃي ٿو، کنوڻ جا تجلا جھڪا ٿين ٿا ۽ اکيون اُڀ ۾ رھجيو وڃن ٿيون. ڪڏھن ٻڪراڙ کنوڻ ڪارونجھر تي ڪاھي پوي ٿي، پٿر پٿر ڌوپجي وڃي ٿو، گھرٽياري ۽ ڀٽياڻي ڀرجي وھن ٿيون، تڏھن سياح وري ٿر لتاڙن ٿا، ڪيميرائن ۾ ڪيئي چوريون ٿين ٿيون، ٿر جي حسن سان ھٿ چراند ٿئي ٿي.

تڏھن وري من آپگھات ڪري ٿو، اندر ئي اندر ۾ آھ زاري ٿئي ٿي، پوڙھا ۽ پڪا افسوس ڪن ٿا، سوچيندي چون ٿا وٺو ته ويرين ڪاھ ڇو ڪئي آھي، ٻارڙن جي ھٿن کي ٽنگڻ ڪيئن سيکاريو، اھي لڄ نه مرن اسان کي ئي مارين ۽ ھي حقيقي پورھي ۾ لالچ وجھن ٿا.

تڏھن حياتي ڄڻ بار لڳي ٿي، سانوڻي جا گيت به راس نٿا اچن، زندگي اوڇي گار لڳي ٿي، وسڪاري کان پھرين وکري وڃون ٿا، حياتي تي ھزارين لعنتون اچن ٿيون، تڏھن من منھنجو وياڪل لڳي ٿو، وري زندگي تي آڱر کڻان ٿو ۽ ائين ماٺ ٿي گھڻيرو مايوس ٿيان ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غير فعال بڻجندڙ حڪومتون ۽ پارليامينٽ !

شفيق الرحمان شاڪر چوڻ لاءِ ته چئي سگھجي ٿو ته ڪجهه عرصو پهرين ٿيل عام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے