13 منگل , نومبر 2018

نيوز: نوابشاھ: شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ ليڪچرار عامر خٽڪ خلاف احتجاج

Nawabshah: Protest against vice chancellor and lecturer of Shaheed Benazir Bhutto university*نوابشاھ  ۾   شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ ليڪچرار عامر خٽڪ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

مظاهرين علي رضا خاصخيلي،   نور سولنگي،  منير ابڙو،  ناصر شاھ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي  احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ وائيس چانسلر خلاف ماضي ۾ به تمام گهڻون شڪايتون ملنديون رهيون آهن خاص طور تي هو نياڻين سان مختلف هربا هلائي انهن سان ڏاڍائي ڪندو آهي ۽ عامر خٽڪ جهڙا استاد اهڙي ڪم ۾ ان جا مدد گار آهن.

هنن چيو تھ  فرزانه جمالي سان جيڪو واقعو ٿيو آهي اهو انتهائي افسوسناڪ آهي.

مظاهرين چيو تھ  فرزانا جمالي جو پيءُ  استاد اعجاز جمالي دانهن ڏيڻ ويو تھ ان خلاف  جڙتو ايف  آءِ آر داخل ڪري  کيس  گرفتار ڪيو ويو آهي.

هنن چيو تھ   ڳوٺ گلاب جمالي جا شاگرد سخت پريشان آهن ڇاڪاڻ ته  سندن  استاد گرفتار آهي.

مظاهرين سنڌ جي گورنر کان مطالبو ڪيو تھ  وائيس چانسلر ۽ عامر خٽڪ کي فوري طور تي هٽائي متاثر نياڻي فرزانه جمالي کي انصاف فراهم ڪيو وڃـي…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے