20 منگل , نومبر 2018

مصباح الحق ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ سهولتن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

The pools of shelters in Misbeh-ul-Daimisant Cricket were clearedلاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ انتظامن ۽ گرائونڊن جي بدترين صورتحال جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. مصباح الحق ايل ايل سي اي گرائونڊ جي ڊريسنگ رومن ۽ واش رومن جي ويڊيو ٺاهي سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي شائع ڪري ڇڏي. قائد اعظم ٽرافي جي سلسلي ۾ ايل سي سي اي گرائونڊ ۾ ميچ کيڏندي مصباح الحق ان گرائونڊ جي زبون حال، واش روم ۽ خراب ڊريسنگ روم جي ويڊيو ٺاهي. پنهنجي پيغام مصباح الحق ويڊيو جي وضاحت ڏيندي چيو ته هي ڪوئي اسٽور روم نه پر فرسٽ ڪلاس ميچ کيڏندڙ 20 رانديگرن جو ڊريسنگ روم آهي جن ۾ 6 ٽيسٽ ڪرڪيٽر به شامل آهن. مصباح الحق ٻڌايو ته سخت گرمي جي موسم ۾ ڊريسنگ روم ۾ رڳو هڪ پکو لڳل آهي جڏهن ميدان جي آئوٽ فيلڊ ۽ وڪيٽ پڻ عالمي معيار جو ناهي. مصباح الحق سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ذريعي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان اپيل ڪئي ته جيڪڏهن اسان پنهنجي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جو معيار بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا ته اهڙن معاملن جو نوٽيس وٺڻو پوندو. اڳوڻي ڪپتان چيو ته پي سي بي کي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ اهڙي شين کي لازمي ٺيڪ ڪرڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي پاڪ-آسٽريليا سيريز جون ڪجهه ميچون پاڪستان ۾ ڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ سال مارچ ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے