15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ميرپوربٺورو: نوجوان جو پوليس طرفان منشيات جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج

Mirpurbathoro: Protest against police*ميرپوربٺوري ۾ نوجوان،   پوليس طرفان منشيات جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ايريگيشن محلي جي  رهواسي نوجوان ديدار شوري پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ڄاڻايو آهي ته پوليس بناجواز سياسي بنيادن تي هن  مٿان منشيات هلائڻ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

 هن چيو ته پوليس پاران  جيڪي بھ مٿس ڪيس داخل ڪيا ويا آهن انهن مان  ڪورٽ سڳوري باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي.

نوجوان چيو تھ پوليس  ٻيهر منشيات جي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائن لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهي آهي ۽ سندس  گهر ٻاهران بيٺل  ڪاغذن واري موٽر سائيڪل پوليس کڻي غائب ڪري ڇڏي آهي.

 هن چيو ته کيس  شڪ آهي ته هنجي موٽر سائيڪل پوليس غلط ڪم ۾ استعمال ڪري کيس  ڦاسائڻ چاهي ٿي.

نوجوان  اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  معاملي جو نوٽيس وٺي مٿس داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏهرڪي: نصاب جاڪتاب ٻارن کي ڏيڻ بدران وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

*ڏهرڪي ۾ نصاب جا ڪتاب شاگردن ۾ ورهائڻ بدران گودام ۾ ذخيرو ٿيڻ جو انڪشاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے