15 جمعرات , نومبر 2018

”بيان“ پيپسي بيٽل آف دي بينڊز جو فاتح

"Describe" the winner of Pepsi Beatle of the Bondsڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جو ميوزيڪل شو” پيپسي بيٽل آف دي بينڊز“ جو ٽيون سيزن پنهنجي پڄاڻي ته پهتو، جنهن ۾ بينڊ” بيان“ شو جو فائنل کٽي ورتو جڏهن ته ”ضرب“ بينڊ ٻي پوزيشن ماڻي. ان شو ۾ دوران بيان بينڊ 3 ڀيرا ڊينجر زون ۾ پڻ ويو، جڏهن ته ڪيترائي ڀيرا بينڊ جي بهترين پرفارمنس کين ججن جي نظرن ۾ مٿي کڻي آئي. فائنل ۾ پهچڻ لاءِ بينڊ بيان ستين قست ۾ ”بازار“ ۽ ”پاني اور مٽي“ جهڙا گيت ڳائي سڀني جون دليون کٽي ورتيون. ”بيان“ جي لاڳيتو شاندر ڪارڪردگي  شو جي سمورن ججن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. ٻئي پاسي ”ضرب“ بينڊ ان شو دوران رڳو هڪ ڀيرو ڊينجر زون ۾ آئي. هنن ان شو ۾ پنهنجي سفر دوران ڏسندڙن کان تمام گهڻي داد وصول ڪئي. بينڊ شو دوران قوالي راڪ گيتن جو انداز پڻ اختيار ڪيو. فائنل  جي فاتح ”بيان“ بينڊ کي 50 لک رپين جو انعام پڻ ڏنو ويو . فائنل بعد مداحن ٽوئيٽر تي ”بيان“ جي ڪاميابي تي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪيو.ڪيترن ئي واهپيدارن بينڊ کي ڪاميابي تي واڌيون ڏنيون. ڪيترن ئي ماڻهن جي اها خواهش هئي ته بيان ئي ان جو شو جو فاتح بڻجي. فائنل ۾ شو جي جج فواد خان، ميشا شفيع ۽ اسٽرنگز پڻ پرفارم ڪيو. فواد خان ”سترنگي گيت“ تي پرفارم ڪيو. ميشا شفيع ”مين“ نالي گيت تي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. جڏهن ته اسٽرنگز پنهنجي پراڻي گيت” زندا“ کي نئين انداز ۾ پيش ڪري دليون کٽي ورتيون. ياد رهي ته گذريل سال پيپسي بيٽل آف دي بينڊ ”ڪشمير“ بينڊ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مستقبل جي ڪنهن کي به خبر ناهي هوندي: سارا خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے