20 منگل , نومبر 2018

نيوز: ميرپوربٺورو: اسپتال ۾ايمبولينس ڊرائيور ۽ مرف جي گارڊن وچ ۾ جھيڙو، او پي ڊي جو بائيڪاٽ

Mirpurbathoro: Fight between ambulance driver and guards*ميرپوربٺوري جي  تعلقي اسپتال ۾ ايمبولينس ڊرائيور ۽ مرف جي گارڊن وچ ۾  جھيڙي سبب پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.

تعلقا اسپتال ۾ اڄ صبح اسپتال جي ايمبولينس ڊرائيور رجب ميمڻ ۽ اين جي او مرف جي گارڊن علي نواز خاصخيلي ۽ غفار خاصخيلي وچ۾ جھيڙو ٿي پيو  جڏهن تھ  اسپتال عملي ٻنھي ڌرين کي ڇڏائي ورتو.

 ھوڏانھن مرف گارڊن ۽ ڊرائيور وچ ۾ ٿيل جھيڙي بعد ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف اوپي ڊي جو جو بائيڪاٽ ڪري علاج لاءِ آيل  مريضن کي واپس روانو ڪري ڇڏيو.

واقعي خلاف  ڊاڪٽرن ۽ پيراميديڪل اسٽاف ڊاڪٽر علي محمد ميمڻ ،  عالم ميمڻ ، رجب ميمڻ ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال جي مک دروازي آڏو ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن الزام هڻندي چيو تھ  اسپتال ۾ صحت جون سھولتون نه ھُجڻ جي شڪايت ڪرڻ تي اسپتال ۾ اين جي او مرف جي انچارج ڊاڪٽر جبار ميمڻ گارڊن ھٿان ڊرائيور تي حملو ڪري مٿس سخت تشدد ڪيو.

هنن صحت جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو کان مطالبو ڪيو تھ  ڊاڪٽر جبار ميمڻ کي ھٽائي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي.

هوڏانهن ايمبولينس  جي ڊرائيور رجب ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تھ  هن ضلعي جي سمورين تعلقي اسپتالن ۾ صحت جي سھولتن جي کوٽ ۽ مرف انتظاميا جي ڪرپشن خلاف فيسبوڪ تي پوسٽ رکي ھُئي جنھن تان مڇرجي ڊاڪٽر جبار ميمڻ ۽ گارڊن  مٿس  حملو ڪري تشدد ڪيو آھي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : قاضي احمد: وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، انتظاميھ خاموش

*قاضي احمد شھر  ۾  وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، ڪيترائي سفيد پوش گھراڻن جا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے