20 منگل , نومبر 2018

نيوز: چوهڙ جمالي: ڀارت ۾ قيد مهاڻن جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي

Chohar Jamali: Protesting rally for the freedom of sailors from indian jail*چوهڙ جمالي ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم، هيومن رائيٽس پاران ڀارت ۾ قيد جاتي ۽ شاهبندر تعلقي جي ماهيگيرن جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

  نور محمد ٿهيمور ، عادل لغاري ، غلام حسين ميربحر  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  10 سالن جي نينگر سميت 38 ماهيگيرن جي آزادي لاءِ  ستا واهه کان مدني چوڪ تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي  مظاهرين  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ شاهبندر تعلقي جي 10 سالن جو ٻارڙو غلام پٽ بچايو ملاح سميت 14 ماهيگير ۽ جاتي تعلقي جي 24 ماهيگيرن سميت سجاول ضلعي جا 38 ماهيگير  هڪ سال کان ڀارتي جيلن ۾  اذيتون ڀوڳي رهيا آھن.

هنن چيو تھ  هو  جگر جي ٽڪرن جون راهون  نهاري ٿڪي پيا آھن پر پاڪستان حڪومت ان طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو آھي جنهنڪري  ماهيگيرن جي وارثن ۾ بيچيني ڇانيل آھي.

مظاهرين سنڌ سرڪار  سميت وفاقي حڪومت  کان مطالبو ڪيو تھ گڏيل طور تي ڪوششون وٺي سجاول ضلعي جي 38 ماهيگيرن کي آزاد ڪرائي  وارثن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي وڇڙئي 34 ورهيه وهامي ويا

انقلابي رومانس سان ڀرپور انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي مداحن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے