19 پیر , نومبر 2018

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ جاري: ٽاپ ٽين بيٽسمين، بالرن ۽ آل رائونڊرن ۾ ڪو به پاڪستاني جاءِ نه ٺاهي سگهيو

ICC Testing Continuation: No Pakistani Place could be made in Top Ten Buttes, Ballons and All-rounders.دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي. ٽاپ 10 بهترين بيٽسمينن، بالرن ۽ آل رائونڊرن ۾ هڪ به پاڪستاني رانديگر شامل ناهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ٽيسٽ رينڪنگ موجب بيٽسمينن جي فهرست ۾ ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي جو راڄ برقرار آهي، جڏهن ته بالرن ۾ انگلش فاسٽ بالر جميز انڊروسن جو ٽاپ پوزيشن تي قبضو آهي. آل رائونڊرن ۾ بنگلاديش جو شڪيت الحسن پهرين نمبر تي موجود آهي.بيٽسمينن ۾ ورات ڪوهلي پهرين، اسٽيو سمٿ ٻئين، ڪين وليمسن ٽئين، ڊيوڊ وارنر چوٿين، جو روٽ پنجين، چتيشور پُجارا ڇهين، ڪرونارتني ستين، دنيش چنديمل اٺين، ڊين ايلگر نائني ۽ ايڊن مارڪرم ڏهين نمبر تي آهن، بالرن ۾ جميز انڊروسن پهرين، ڪاگيسو ربادا ٻئين، رويندرا جديجا ٽئين، ورنون فلينڊر چوٿين، پيٽ ڪومنز پنجين، ٽرينٽ بولٽ ڇهين، رنگنا هيراٿ ستين، روي چندرن اشوين اٺين، نيل ويگنز نائين ۽ جوش هيزل ووڊ ڏهين نمبر تي موجود آهي.آل رائونڊرن ۾ شڪيب الحسن جو راڄ برقرار آهي، جڏهن ته ورنون فلينڊر جو ٻيو نمبر آهي، رويندر جديجا ٽئين، جيسن هولڊر چوٿين، روي ايشوين پنجين، سٽوڪس ڇهين، معين علي ستين، ڪرس ووڪس اٺين، پيٽ ڪومنز نائين ۽ مچل اسٽارڪ ڏهين نمبر تي موجود آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جي شاهجهان خان ڪينيڊا اوپن اسڪواش ٽورنامينٽ کٽي ورتي

اوٽاوا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي شاهجهان خان پي ايس اي ڪينيڊا اوپن اسڪواش ٽورنامينٽ پنهنجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے