19 پیر , نومبر 2018

نيوز |جمال شاهه: دوڙ ۽ قاضي احمد کي ملائيندڙ شاخ جي موري جي تعمير لاءِ  احتجاج

Jamal Shahجمال شاهه ويجهو  ٻن تعلقن دوڙ ۽ قاضي احمد کي ملائيندڙ جمال شاه شاخ جي موري جي تعمير لاءِ  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شهرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن  عبدالحڪيم جوکئي  ، گلابي ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين چيو ته گذريل ٻن سالن کان جمال شاه شاخ جي موري ٽٽل آهي  ۽ حادثاروز جو معمول بڻيل آهن.

هنن چيو تھ ڪافي ڀيرا احتجاج ڪيا آهن   پر ڪوبھ کڙ تيل ناهي نڪتو.

مظاهرين سنڌ سرڪار ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته جمال شاه شاخ موري جي جلد تعمير ڪرائي پريشانين کان بچايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: چمبڙ: ھاري اڳواڻ ڦوٽو رستماڻي لاڏاڻو ڪري ويو، هزارين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي

*چمبڙ ۾  ھاري اڳواڻ ڦوٽو رستماڻي لاڏاڻو ڪري ويوکيس هزارين آلين اکين سان مٽي ماءُ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے