20 منگل , نومبر 2018

نيوز |نوابشاهه ۽ ڄام صاحب ۾شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وي سي خلاف احتجاج

nawabshahنوابشاهه ۾ يوٿ اينڊ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پاران شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ ليڪچرار عامر خٽڪ خلاف مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي  احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ وائيس چانسلر خلاف ماضي ۾ به تمام گهڻيون شڪايتون ملنديون رهيون آهن خاص طور تي هو نياڻين سان مختلف هربا هلائي انهن سان ڏاڍائي ڪندو آهي ۽ عامر خٽڪ جهڙا استاد اهڙي ڪم ۾ ان جا مدد گار آهن.

هنن چيو تھ  فرزانه جمالي سان جيڪو واقعو ٿيو آهي اهو انتهائي افسوسناڪ آهي.

مظاهرين چيو تھ  فرزانا جمالي جو پيءُ  استاد اعجاز جمالي دانهن ڏيڻ ويو تھ ان خلاف  جڙتو ايف  آءِ آر داخل ڪري  کيس  گرفتار ڪيو ويو آهي.

هنن چيو تھ   ڳوٺ گلاب جمالي جا شاگرد سخت پريشان آهن ڇاڪاڻ ته  سندن  استاد گرفتار آهي.

مظاهرين سنڌ جي گورنر کان مطالبو ڪيو تھ  وائيس چانسلر ۽ عامر خٽڪ کي فوري طور تي هٽائي متاثر نياڻي فرزانه جمالي کي انصاف فراهم ڪيو وڃـي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ امداد بابت معاهدو

پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ امداد بابت معاهدو طئي ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے