15 جمعرات , نومبر 2018

انگلينڊ جي ڪامياب ترين بيٽسمين اليسٽرڪ ڪڪ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

The most successful batsman of the history of England cricket alastair cookhas announced to leave the لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اليسٽرڪڪ ڀارت خلاف پنجين ٽيسٽ ميچ بعد ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. انگلش بيٽسمين اليسٽرڪڪ ڪرڪيٽ کي خيرآباد چوڻ بابت فيصلي جي حوالي سان چيو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران ڪافي سوچ ويچار ڪرڻ بعد عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو فيصلو ڪيو ۽ ان نتيجي تي پهتس ته ڀارت خلاف سريز جي پنجين ٽيسٽ ميچ بعد ڪرڪيٽ ڇڏي ڏيندس. 33 ورهين جي اليسٽرڪڪ چيو ته سندس لاءِ اڄوڪو ڏينهن تڪليف ڏيندڙ آهي پر سڀ کان وڏو فيصلو مسڪرائيندي ڪري رهيو آهيان. اڳوڻي ڪپتان چيو ته هن پنهنجي تصور کان گهڻو وڌيڪ حاصل ڪيو ۽ انگلينڊ لاءِ ڊگهي عرصي تائين ڪرڪيٽ کيڏڻ تي فخر آهي، جڏهن ته ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو هي مناسب وقت آهي ته جئين نئين ٽيلنٽ کي اڳتي اچي صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو ملي سگهي. اليسٽرڪڪ جو چوڻ هو ته هو انگلينڊ طرفان عالمي ڪرڪيٽ نه کيڏندو پر ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ ايسيڪس ٽيم جي نمائندگي ڪندو رهندو. ياد رهي اڳوڻي انگلش ڪپتان 160 ٽيسٽ، 92 ون ڊي ۽ 4 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ انگلش ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو آهي. ڪڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 12 هزار 254، ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 3 هزار 204 ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ 61 رنسون ٺاهي چڪو آهي، هن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 32 سينچريون ۽ 56 ففٽيون اسڪور ڪيون جڏهن ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 5 سينچريون ۽ 19 ففٽيون اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے