17 ہفتہ , نومبر 2018

نيب ريفرنسز خلاف ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي، واجد ضياءَ جي بيان ۾ تبديلي تي نيب کي نوٽيس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيا اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، هوڏانهن العزيزيا ريفرنس ۾ پاناما جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ جي بيان ۾ تبديلي جي معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب کي سڀاڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت نمبر ٽو جي جج ارشد ملڪ نواز شريف خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم کي سخت سيڪيورٽي ۾ اڊيالا جيل کان احتساب عدالت آندو ويو. عدالت ۾ ٻڌڻي جي شروعاتي خواجا حارث جي مددگار وڪيل جج ارشد ملڪ کي ٻڌايو ته نواز شريف جو وڪيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مصروف آهي، جتي اڄ ڊويزن بئنچ ۾ درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر آهي. احتساب عدالت جي جج پڇاڻو ڪيو ته ڊويزن بئنچ ۾ ٻڌڻي ڪهڙي وقت شروع ٿيندي آهي، جنهن تي مددگار وڪيل جواب ڏنو ته ساڍي 11 وڳي بئنچ ٻڌڻي شروع ڪندو آهي. جج مددگار وڪيل کي چيو ته پوءِ اسان ساڍي 12 وڳي تائين وقفي ٿا ڪيون، ان دوران توهان خواجا حارث سان رابطو ڪري پڇي وٺو ته ڇا هو ان کان اڳ اچي سگهي ٿو. احتساب عدالت نواز شريف خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ۾ ساڍي 12 وڳي تائين وقفو ڪيو، پوءِ نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي سڀاڻي 12 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي. هوڏانهن العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس ۾ واجد ضياءَ جي بيان ۾ تبديلي بابت نواز شريف جي درخواست تي جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ ٻڌڻي جي شروعات تي خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته منهنجو موقف آهي نواز شريف ۽ حسين نواز رپورٽ پيش ناهي ڪئي. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته رپورٽ پيش ڪئي وئي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ موجود هوندو. نواز شريف جي وڪيل چيو ته جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ جيڪو بيان ڏنو، اهو لکرايو ويو. خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته 30 آگسٽ تي احتساب عدالت قانوني تقاضا پورا ناهن ڪيا، عدالت سوال نامي تحت ڪارروائي ناهي هلائي. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته نيب اختيارين کي سڀاڻي ٻڌي ٿا وٺون، خواجا حارث چيو ته اڄ ئي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته اڄ ممڪن ناهي، پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب کي سڀاڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪندي نواز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Model Town case: SC to hear petition for formation of new JIT

ماڊل ٽائون سانحو: جاچ لاءِ نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ نئين جي آءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے