14 بدھ , نومبر 2018

نيوز |ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ناظر پاران قديم وسندي چمن اقبال ڪالوني جو دورو

ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ناظر قديم وسندي چمن اقبال ڪالوني جو دورو ڪري جائزو ورتو.

عدالتي حڪم تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ناظر چمن ڪالوني جي بلاڪ 6 جو دورو ڪري رهواسين کان تفصيل ورتا.

دوري دوران سوين عورتون ۽ مرد گڏ ٿي ناظر کي شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا،جنهن بعد ناظر رهواسين کي خاطري ڪرائي ته ساڻن انصافي نه ٿيندي.

هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاڪ 6 جي صدر ديدار چوهاڻ ۽ ٻين چيو ته عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي، اسلامڪ اسٽيٽ جي مالڪ رهواسين خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي.

رهواسين الزام هنيو چيو ته ناظر جي اچڻ کان اڳ ايس ايڇ او گلستان جوھر راڻا حسيب زوريءَ35 گھر خالي ڪرائي بلڊر جا ھٿيار بند ويھاري ڇڏيا ته جئين عدالت کي گھمراھ ڪري سگھجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے