19 پیر , نومبر 2018

نيوز |آءِ جي سنڌ پاران شاگردياڻي فرزانه جمالي کي حراسان ڪرڻ جو نوٽيس، رپورٽ طلب

آءِ جي سنڌ  جاويد سليمي  شهيد بينظير ڀٽو  نوابشاهه ۾  پڙهندڙ  شاگردياڻي  کي پروفيسر  طرفان حراسان  ڪرڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي  ڊي آءِ جي  شهيد بينظير آباد  کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي .

شهيد بينظير ڀٽو  يونيورسٽي جي انگريزي شعبي جي فائنل  ايئر  جي شاگردياڻي  فرزانه جمالي گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران الزام مڙهيو هو انگلش  ڊپارٽمينٽ  جو پروفيسر  عامر علي خٽڪ  5 مهينن کان ان  کي حراسان ڪري رهيو آهي .

سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ  ڪيل وڊيو  ۾ فرزانه جمالي  الزام لڳايو ته  جڏهن هن والد کي آگاهه ڪيو ته هن جي پيءُ وي سي سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي  پر ان وٽان جواب مليو ته ان کي دٻايو وڃي.

فرزانه جمالي الزام لڳايو ته شڪايت ڪرڻ تي هن جي والد کي گرفتار ڪرايو ويو .

شاگردياڻي جي اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ  آءِ جي سنڌ  امجد سليمي نوٽيس ورتو آهي ۽ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي  آهي .

ٻئي طرف  يونيورسٽي جي ترجمان  موجب  شاگردياڻي جي شڪايت تي  3 رڪني ڪميٽي  جوڙي وئي آهي ، جيڪا پڻ جاچ ڪري رهي آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے