17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز |خيرپور: ملازمن پاران آبپاشي اسڪارپ جي هٽايل ملازمن جي حمايت ۾ ڪم ڇڏ هڙتال

خيرپور ۾ ملازمن پاران آبپاشي اسڪارپ جي هٽايل ٻن ملازمن جي حمايت ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي وئي.

آبپاشي اسڪارپ ڊرينيج ڊويزن جي حاجي نظر محمد، اعجاز ۽ شاڪر سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن 3 مهينا اڳ هٽايل ٻن ملازمن جي برطرفي خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي.

بک هڙتالي ڪئمپ تي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ امجد مهيسر ، گسٽا خيرپور ضلعي جي صدر مقصود مهيسر ۽ سياسي سماجي اڳواڻن سميت ٻين ڪيترن ئي شرڪت ڪري حمايت جو اعلان ڪيو.

ملازمن جو چوڻ هو ته ٽي مهينا اڳ اڳوڻي پي ڊي اسڪارپ ياسين قريشي سچ جو آواز اٿارڻ تي يونين جي ٻن ملازم اڳواڻن مشتاق گوپانگ ۽ يونس ڀٽو کي بيگناهه برطرف ڪري نوڪريون ختم ڪري ڇڏيون هيون.

هنن چيو ته ٽي مهينا گذرڻ باوجود برطرف ملازمن کي بحال نه ڪيو ويو آهي، جنهن سبب هنن هڙتال ڪئي آهي.

ملازمن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته غير قانوني طور هٽايل ملازمن کي بحال ڪري پروموشن سميت ٻيا مسئلا حل ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏھرڪي: ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ڪلين سٽي پروگرام شروع ڪري ڇڏيو

ڏھرڪي ۾ ٽائون ڪاميٽي پاران شھر اندر صفائي نھ ڪرائڻ بعد ضلعي ڪائونسل جي ميمبر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے