18 اتوار , نومبر 2018

شراب هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ شرجيل ميمڻ جي ملازمن جون ضمانتون منظور

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ جي ملازمن جي شراب هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي. ڪراچي ۾ جوڊيشل مجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ گرفتار جوادبارن ضمانت واري درخواست داخل ڪئي. عدالت جوابدارن شڪردين، محمد ڄان ۽ محمد مشتاق علي جي ضمانت منظوري ڪندي سندن ريليز آرڊر جاري ڪري ڇڏيا. شرجيل ميمڻ ۽ سندس 3 ملازمن جي خلاف جيل سپرنٽنڊنٽ مجاهد خان جي مدعيت ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جي تحت بوٽ بيسن ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ سنڌ جي گهرو وزارت ضيا الدين اسپتال کي سب جيل قرار ڏيڻ جو حڪم نامو رد ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم قوم کي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان پنهنجي حڪومتي دور جا 100 ڏينهن پورا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے