15 جمعرات , نومبر 2018

شرجيل ميمڻ جي رت ۾ شراب جو عنصر ناهي: ميڊيڪل رپورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ جي رت جي نمونن ۾ شراب جو عنصر هٿ ناهي آيو. ٻه ڏينهن اڳ چيف جسٽس ثاقب نثار ضياءُ الدين اسپتال ۾ سب جيل جو دورو ڪيو هو، جتي شرجيل ميمڻ علاج هيٺ هو. چيف جسٽس جي دوري دوران شرجيل ميمڻ جي اسپتال جي ڪمري مان شراب جون ٻه بوتلون هٿ آيون هيون، جنهن تي چيف جسٽس پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ کي فوري اسپتال مان جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سندس رت جي نمونن جي ٽيسٽ لاءِ هدايت جاري ڪئي هئي. هاڻ شرجيل ميمڻ جي رت جي نمونن جي ٽيسٽ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب شرجيل ميمڻ جي رت جا نمونا پهرين سيپٽمبر جي منجهند 12 لڳي 3 منٽن تي ورتا ويا هئا. سندس رت جا نمونا ٽيسٽ لاءِ ٻن مختلف اسپتالن ۾ موڪليا ويا. هڪ اسپتال جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رت ۾ پلازما الڪوحل ۽ ايٿانول جي ڪا مقدار هٿ ناهي آئي، جڏهن ته الڪوحل جي استعمال بابت ٻيون 3 ٽيسٽون به نارمل آهن. خانگي اسپتال طرفان جاري رپورٽ ۾ هڪ نوٽ به لکيل آهي ته اها رپورٽ رڳو طبي استعمال لاءِ آهي، ان کي قانوني يا ٻين مقصدن لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے