15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |حليم عادل شيخ نوابشاهه ۾ استاد هٿان هيسايل شاگردياڻي جي گهر پهچي ويو

پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ نوابشاهه ۾ استاد هٿان هيسايل شاگردياڻي جي گهر پهچي انصاف جي خاطري ڪرائي آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر حليم عادل شيخ شهيد بينظير ڀٽو ۾ پڙهندڙ هيسايل شاگردياڻي فرزانه جمالي جي گهر پهچي انصاف جي خاطري ڪرائي.

حليم عادل شيخ ٿاڻي تي پهچي شاگردياڻي جي درخواست داخل ڪرائي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته فرزانه جمالي بهادري ڏيکاري ٻنهي حيوانن کي وائکو ڪيو آهي، فرزانه پاڪستان ۽ سنڌ جي نياڻي آهي، ساڻس زيادتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.

هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جو وي سي زرداري جو لاڏلو بڻيو ويٺو آهي، جنهن سبب مٿس ڪا به ڪارروائي نٿي ٿئي، وي سي لاڏلو ڀلي هجي پر قانون سڀني لاءِ هڪ جهڙو آهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ جي گورنر به شاگردياڻي فرزانه جمالي جي واقعي جو نوٽيس ورتو آهي، جاچ ڪرائي ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پي ٽِي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪرائي سنڌ جي نياڻي فرزانه جمالي کي انصاف ڏياريو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: گمبٽ ويجهو ڪچي واري علائقي مان چار ڏينهن پراڻو لاش هٿ

گمبٽ ويجهو ڪچي واري علائقي مان چار ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو ڦلو ٿاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے