16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز |ڪوٽڙي: پل تان پير ترڪڻ سبب پورهيت هيٺ ڪري فوت

ڪوٽڙي ۾ پل تان پير ترڪڻ سبب پنجاب واسي نوجوان پورهيت هيٺ ڪري فوت ٿي ويو.

ڦاٽڪ ڀرسان پل جي اڏاوتي ڪم دوران پير ترڪڻ سبب پنجاب واسي نوجوان پورهيت محمد اشرف فوت ٿي ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته پُل جي اڏاوت دوران پورهيت گارڊر مٿي چاڙهي رهيو هو، پير ترڪڻ سبب پورهيت هيٺ ڪري فوت ٿيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش بلاول ميڊيڪل ڪاليج آندو، جتي پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے