13 منگل , نومبر 2018

پنجاب ۾ 7 مهينن دوران ٻارن سان زيادتي جي 844 واقعن جو انڪشاف

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ هلندڙ سال شروعاتي 7 مهينن ۾ ٻارن سان زيادتي جا 844 واقعا پيش آيا. تفصيل موجب آبادي جي لحاظ سان پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ سال 2018 جي شروعاتي 7 مهينن ۾ ٻارن سان زيادتي جا 844 واقعا پيش اچي چڪا آهن. پوليس ريڪارڊ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صوبي ۾ روزاني 4 ٻار زيادتي جو شڪار بڻجن ٿا. ٻارن سان زيادتي جي واقعن ۾ غير معمولي واڌ تي نوٽيس وٺندي پنجاب جي آءِ جي 15 آگسٽ تي ٻارن سان زيادتي جي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ لاءِ خط جاري ڪري ڇڏيو آهي پر ان حوالي سان هن وقت تائين ڪي به قدم ناهن کنيا ويا. خط ۾ حڪم ڏنو ويو هو ته ٻارن سان زيادتي جي ضمانت تي جوابدارن جون به فهرستون تيار ڪيون وڃن ۽ اهڙي جوابدارن جي سخت نگراني ڪئي وڃي. جيڪڏهن جوابدار پنهجو گهر تبديل ڪري ته لاڳاپيل ٿاڻي کي به آگاهه ڪيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم جي خواهش تي هر ڪنهن کي جيل ۾ نٿو وجهي سگهجي: قمر زمان ڪائره

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته الله ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے