20 منگل , نومبر 2018

نيوز |نصير آباد: پي ٽي آءِ پاران ٽائون انتظاميه خلاف احتجاجي ريلي

Naseerabad: PTI protest against Town Administration Reallyنصير آباد ۾ پي ٽي آءِ پاران ٽائون انتظاميه خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

رب رکيو، آصف ۽ رحيم منگي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن سهولتن جي اڻهوند خلاف ٽائون چيئرمين جي آفيس تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو.

پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ هو ته شھر لاءِ ماھوار ھڪ ڪروڙ 30 لک رپيا اچن ٿا، جيڪي شھرين بدران با اثر سياستدانن جي اوطاقن تي خرچ ڪري رڪارڊ ڪرپشن ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته  شھر کي نڌڻڪو بڻايو ويو آهي، صفائي ۽ اسٽريٽ لائيٽ جو اڻپورو انتظام آھي ۽ سوا لک شھري پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن، جنهن مان ظاهر آهي ته ٽائون چيئرمين مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي.

اڳواڻن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بنا دير شھر جا مسئلا حل ڪري عوام جو پئسو عوام مٿان خرچ ڪن، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: هاڻوڪي حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي جو سونامي آندو آهي: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين پارٽين جي سياست انهن تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے