18 اتوار , نومبر 2018

بلوچستان: 1600 ترقياتي منصوبن ۾ سياسي وابستگي جي انڪوائري جو حڪم

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال 1600 ترقياتي منصوبن جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته ترقياتي منصوبن کي سالياني صوبائي ترقياتي پروگرام 19-2018 جي تحت مناسب طرز عمل اختيار ڪرڻ کان سواءِ شروع ڪيو ويو. بلوچستان جي منصوبابندي ۽ ترقي جي کاتي جي اختيارين جو چوڻ هو ته اربين رپين جي ماليت جي انهن 1 هزار 600 اسڪيمن ۾ گهڻو ڪري سياسي عمل دخل يا ذاتي خواهشن جي تحت منظور ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته انهن منصوبن جي لاءِ ڪنهن لاڳاپيل اختيارين جون تجويرون به حاصل ناهن ڪيون ويون.  بلوچستان جي وڏي وزير سيڪريٽريٽ طرفان جاري ٿيل خط موجب معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. وڏي وزير ان اسڪيم کي منظور ڪندڙ منصوبابندي واري کاتيجي آفيسرن جا نالا ۽ عهدن جي حوالي سان تفصيل به طلب ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے