17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز |ڪوٽڏيجي: رهواسين پاران ڪائونسلر جي ناانصافين  خلاف احتجاج

ڪوٽڏيجي ۾ رهواسين پاران ڪائونسلر جي ناانصافين  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ديهه سوهو جي رهواسين افضل آرائين جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 8 جي ڪائونسلر مير پنهل ٽالپر خلاف احتجاج ڪيو.

رهواسين الزام هنيو ته پنهل ٽالپر ساٿين سان گڏجي سندن نوجوانن ڪاشف ۽ فدا حسين تي تشدد جو نشانو بڻائي پوليس حوالي ڪيو، بعد ۾ بيهوشي واري حالت ۾ سندن نوجوانن کي ڇڏيو ويو.

هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ڪائونسلر خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪن.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڪائونسلر پنهل ٽالپر ٻڌايو ته مٿس لڳايل الزام هٿ ٺوڪيا ۽ ڪوڙا آهن، آرائين ۽ ڪنبوهه برادري جي ڌرين ۾ ذاتي مسئلي تي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، تشدد واقعي ۾ سندن ڪو واسطو ناهي.

ٻي پاسي ايس ايڇ او ڪوٽڏيجي شوڪت رند موجب متاثر ڌر ٿاڻي تي دانهن کڻي آئي آهي، قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي  ڀلي ڪير ڪيترو به بااثر هجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے