15 جمعرات , نومبر 2018

صدارتي اليڪشن: فضل الرحمان جو اعتزاز احسن جي حق ۾ ويهڻ لاءِ مشروط راضپو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدارتي اليڪشن جي لاءِ ايم ايم اي ۽ مخالف ڌر پارٽي جي اميدوار مولانا فضل الرحمان پيپلز پارٽي جي اميدوار اعتزاز احسن جي حق ۾ ويهڻ لاءِ مشروط راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ملاقات ٿي. اسلام آباد ۾ ٿيل ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ سياسي صورتحال ۽ صدارتي چونڊن جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ فضل الرحمان جو پٽ مولانا اسعد محمود، عبدالغفور حيدري ۽ سينيٽر فيض محمد جڏهن ته پ پ پ جو صدارتي اميدوار اعتزاز احسن، خورشيد شاهه، راجا پرويز اشرف، قمر زمان ڪائره ۽ شيري رحمان به موجود هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران مولانا عبدالغفور حيدري جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جو ڪم حڪومت ڪيرائڻ ۽ پنهنجي حڪومت بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ هوندو آهي. پيپلز پارٽي طرفان صدارتي اميدوار اعتزاز احسن عبدالغفور حيدري جي تائيد ڪندي چيو ته مخالف ڌر جو اصل اهو ئي آهي. ذريعن موجب اعتزازا احسن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جو استحقاق ئي نه پر اِهو مخالف ڌر جو ڪم آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے