21 بدھ , نومبر 2018

رپورٽ|سن : ڄامشورو _ سيوهڻ روڊ مسافرن لاءِ موت جو سامان بڻيل، حادثا معمول

ڄامشورو _ سيوهڻ روڊ مسافرن لاءِ موت جو سامان بڻيل آهي، هر روز 2 کان 3 روڊ حادثا معمول بڻيل آهن.

هن روڊ تي سفر ڪندڙ ڪيترائي خاندان اجڙي ويا آهن، هي انڊس هاءِ وي روڊ  جاپان جي جائڪا بئنڪ جي قرض مان ڪراچي کان پشاور تائين انڊس ھاءِ وي روڊ ڊبل ٿيڻو ھو پر 1998 ۾ايٽمي ڌماڪي سبب جاپان پنھنجو قرض بند ڪري ڇڏيو ۽ صرف ڄامشوري کان سيوھڻ  تائين سنگل روڊ تعمير ٿي سگھيو.

انڊس هاءِ وي تي ٿيندڙ حادثا گهٽائڻ ۽ ڊبل روڊ جي تعمير لاءِ مختلف تنظيمن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران “سيوهڻ -ڄامشورو روڊ تحريڪ” جي نالي سان هڪ تنظيم ٺاهي ڀرپور جدوجهد ڪئي، پر ڊبل روڊ جي تعمير لاءِ اڃا تائين ڪي اپاءُ نه ٿي سگهيا آهن….

سياسي سماجي اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حادثن جو سبب ٽرئفڪ وڌيڪ ۽ روڊ جو سنگل هجڻ آهي، نوٽيس وٺي ڊبل روڊ ٺهرايو وڃي……

سياسي سماجي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سيوهڻ کان ڄامشوري تائين ڊبل روڊ ٺهرائي سوين انساني جانيون بچايون وڃن.

ساگر سولنگي عوامي آواز ٽي وي سن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے