16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز |چوهڙ جمالي: ڪائونسلرن پاران ٽائون چيئرمين تي بي اعتمادي جو اظهار

چوهڙ جمالي ٽائون ڪميٽي جي ڪائونسلرن چيو آهي ته بااثر ٽائون چيئرمين ماهوار ڪروڙين رپيان بجيٽ ڪرپشن جي ور چاڙهي شهر کي کنڊرات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي

ڪائونسلرن شڪيل کٽي، اسحاق سسيو ، دين محمد ملاح  ۽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هڻندي چيو ته ٽائون چيئرمين ٻن سالن کان ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آھي، ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ڪري شھر کنڊر جو ڏيک ڏئي پيو

سندن چوڻ هو ته اسٽريٽ لائيٽ سميت ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿيو آھي، شھر جي حالت ڏينهون ڏينهن بدتر ٿيندي پئي وڃي، جڏهن ته 300 جعلي ملازمن جي پگهارن جي نالي تي ڪوڙا بل ٺاهي رقم هڙپ ڪئي پئي وڃي

ڪائونسلرن جو چوڻ هو ته پگهارن سميت ماهوار ايندڙ 90 لک روپيا خردبرد ڪيا وڃن ٿا ، صفائي جو ڪوبه بهتر نظام ناهي جنهن ڪري شھر گندگي جي ڍير بڻجي ويو آهي

هنن وڌيڪ چيو ته ٻن سالن ۾ رڳو 2 ڪروڙ 40 لک روپين جا ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن، جنهن کان پوءِ ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ٿيو

ماهوار ايندڙ لکين روپيا ڪيڏانهن وڃن ٿا ڪٿي خرچ ٿين ٿا ان جو ڪوبه حساب ناهي، ٽائون چيئرمين جي ناقص ڪارڪردگي سبب پ پ جو تمام وڏو نقصان ٿيو آھي، اليڪشن ۾ ماڻھن پاران پي پي کي ووٽ نه ڏيڻ ان جو ردعمل آھي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:پکو: سيارو اچڻ بعد مڇي جو واهپو وڌي ويو

* اتر جو واءُ لڳڻ ۽ سياري جي ٿڌ شروع ٿيڻ شرط ئي پکي شھر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے