14 بدھ , نومبر 2018

نيوز |جهڏو: ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن سميت متاثر عورتن پاران احتجاج

Jhudoجهڏي ۾ ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن سميت متاثر عورتن پاران احتجاج ڪيو ويو.

ميڊيا سينٽر ۾ ڳوٺ پروفيسر جان محمد گرگيز واسڻ رشيده، سڀاڳي ۽ سندن مڙسن ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ دانهيو.

هنن چيو ته هو گهر ڀرسان ڦٽيون چونڊي رهيو هيون ته چئن جوابدارن ڏاڍائي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ڪپڙا ڦاڙي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، دانهن تي ماڻهن کي ايندي ڏسي جوابدار فرار ٿي ويا.

سندن چوڻ هو ته هو نئون ڪوٽ ٿاڻي تي ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ويا ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٻي پاسي بااثر جوابدار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

متاثر عورتن ۽ وارثن ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ۽ کين تحفظ ڏئي انصاف ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے