14 بدھ , نومبر 2018

نيوز |اسلام ڪوٽ: ٿر ۾ هندو برادري پاران جنم اشٽمي ڪانهوڙي جو تهوار جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

ٿر ۾ هندو برادري پاران جنم اشٽمي ڪانهوڙي جو تهوار وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.

مٺي سميت اسلام ڪوٽ،ڇاڇرو، ڏيپلو ۽ننگرپارڪر سميت ٻين علائقن ۾جنم اشٽمي جو ڏهاڙو ملهائي مندرن ۾ پراٿنائون ڪري ملڪ جي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون.

جنم اشٽمي ملهائڻ لاءِ هندو نياڻين ڪنيا پاٺشالا ۾ تقريب ڪوٺائي، جتي ڇوڪرين ڏهاڙي جي مناسبت سان ٽيبلوز پيش ڪيا.

جنم اشٽمي جي ڏهاڙي تي اسلام ڪوٽ جي سول سوسائٽي جي ڊاڪٽر شنڪر لال وانڪواڻي ۽ ڊاڪٽر وجئه رتناڻي  شهر جي غريب هندو برادري جي 5 سئو گهرن ۾  مٺائي جا پيڪٽ ورهايا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : حيدرآباد: الائينس ڪلب انٽرنيشنل ڊيسڪ پاران شگر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ريلي

*حيدرآباد ۾  الائينس ڪلب انٽرنيشنل ڊيسڪ پاران شگر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اولڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے