16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: کپرو: پوليس جي  زميندار جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو،  20 هاري بازياب

Khipro: Police allegedly raid on private jail, 20 workers freed *کپري ويجهو ايڊيشنل سيشن ڪورٽ  جي حڪم تي کاهي  پوليس زميندار جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي 20 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو.

ڳوٺ شير محمد مهر   ۾   پوليس ايڊيشنل سيشن ڪورٽ جي حڪم تي  زميندار شير محمد  مهر جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو  هڻي عورتن ۽  ٻارن سميت 20 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي.

بازياب  ڪرايل هارين ۾  ڪيول،  رميش،  هيرو، چندر ڪولهي   سميت 20 ڄڻا شامل آهن.

هوڏانهن زميندار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تھ  هن وٽ ڪا به نجي جيل ناهي.

هن چيو تھ  هارين ڏانهن سندس قرض رهيل آهي، جنهن جي  ڪوڙو ڊرامو رچائي کيس بدنام ڪيو پيو وڃي.

ايس ايڇ او کاهي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تھ  زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو هڻي 20 هارين کا بازيا ڪرايو آهي جن کي اڄ ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪيو ويندو.

واضح رهي تھ هارين جي بازيابي لاءِ چندر ڪولهي ڪورٽ سڳوري ۾ درخواست ڏني هئي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے