22 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو باگو:  ٿڌڙي جي ڏهاڙي تي ڀڳوان ڪرشن جي مورتي ٺاهي  پوڄا پاٺ

Tandobagho: Hindu festival has been celebration with enjoyment*ٽنڊي باگي  ويجهو   ڳوٺ اوڪو ڪولهي ۾هندن جي ٿڌڙي جي ڏهاڙي تي هرسال جيان هن سال به ڀڳوان ڪرشن جي مورتي ٺاهي سندس پوڄاڪئي وئي.

هندوبرادري جي ڪولهي ميگهواڙ، ڀيل، ريٻاري سميت هندومذهب سان تعلق رکندڙ سوين ماڻهن ماڻهن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي هندو برادري جو چوڻ ھو ته هو پنهجا مذهبي ڏهاڙا بناڪنهن رنڊڪ جي سنڌ ۾ملهائين ٿا.

هنن چيو تھ هندومذهب جي عقيدت مندن طرفان سندن ڀڳوان ڪرشن جي جنم تي هو ڀڳوان ڪرشن جي مورتي ٺاهي ۽ ڪانوڙي جي نالي  تي ثقافتي ۽سندن مذھبي ناچ ڪن ٿا۽پنهنجون سکائون به باسين ٿا.

سندن چوڻ هو تھ هي رسم ٽنڊي باگي ڀرسان  ڳوٺ اوڪو ڪولهي ۾ڪيترن ئي سالن کان ملهائي وڃي ٿي.

هوڏانهن  ڪانوڙي جي مورتي ٺاهيندڙ مصري ڪولهي ٻڌايو ته هن مذھبي ڏينهن تي لاڙ ۽ ٿرپارڪر جا هندو وڏي تعداد ۾شرڪت ڪن ٿا جڏهن ته ثقافتي ناچ ۽ رسمون ڏسڻ لاءِ  وڏي تعداد ۾مسلمان ۽ٻين مذهبن جاماڻھون بھ اچن ٿا……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:شڪارپور: ٽرالر ڪلٽي، 2 زخمي، هزارين لٽر تيل ضايع

*شڪارپور ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار کي بچائيندي ٽرالر ڪلٽي ٿي پيو جنهن سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے